نان ڪسٽم پيڊ گاڏي بابت ڪيس ۾ ڊي جي ڪسٽم انٽيليجنس  سڀاڻي سپريم ڪورٽ  طلب

0
84

سپريم  ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هڪ ٻڌڻي دوران چيو آهي ته جتي لفظ ڊي جي اچي وڃي ته بس الله بچائي، بنا تياري جي آفيسر عدالت ڇو ايندا آهن؟

سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي

عدالت عظميٰ نان ڪسٽم پيڊ گاڏي بابت ڪيس ۾ ڊي جي ڪسٽم انٽيليجنس کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته بنا تياري جي آفيسر عدالت ڇو ايندا آهن؟ گاڏي ڪسٽم وٽ آهي يا رليز ٿي وئي ڪنهن کي خبر ئي ناهي

هن پڇاڻو ڪيو ته اسلام آباد ۾ ڪسٽم جو سڀ کان وڏو آفيسر ڪير هوندو آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته ڊي جي ڪسٽم وڏو عهدو آهي

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو جتي لفظ ڊي جي اچي وڃي ته بس الله بچائي، اهي نان ڪسٽم گاڏيون ملڪ ۾ اينديون ڪيئن آهن؟ ڇا ڪير گاڏين کي کيسي ۾ کڻي ايندو آهي؟

ڪسٽم جي وڪيل چيو ته عدالت جيڪو حڪم ڏيندي ان تي عمل ڪنداسين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪري ٿورو نه ڪندئو، آئيني طور تي سڀ حڪم جا پابند آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here