سنڌ سرڪار پاران ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جو حڪمنامو معطل ڪرڻ جو فيصلو

0
86

سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جو حڪم نامو معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ حڪومت ڪراچي جي ضلعي اوڀر، ڪورنگي ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشنز جي ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري جو حڪم نامو معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت ٽنهي ايڊمنسٽريٽرن کي عهدن تان هٽايو ويندو

 سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرن کي هٽائڻ جي معاملي تي ايم ڪيو ايم کي به اعتماد ۾ وٺندي

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ٽنهي آفيسرن جي مقرري کي ضابطن خلاف قرار ڏنو هو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي تي سڀاڻي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتن جي سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here