شوبز۾ ڪهڙن اداڪارن۽ادڪارائن ڳجهيون شاديون ڪيون آهن،ندا ياسرجو انڪشاف

0
96

اداڪارا ۽ ميزبان ندا ياسر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس شو ۾ مختلف اهڙيون شوبز شخصيتون آيون، جن کيس شاديءَ بابت ڳالهائڻ کان روڪيو

رپورٽ موجب ندا ياسر پنهنجي مارننگ شو ۾ شادي شده شخصتين سميت ٻين کي رومانوي جوڙين کي دعوت ڏيندي

ندا ياسر جو شو ماڻهن ۾ مشهور آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا شو تي مهمانن جي چونڊ سبب کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي

تازو هن هڪ نجي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي ميزباني واري تجربي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي

ندا ياسر اعتراف ڪيو ته کيس ڪيترين کي شين جي ڄاڻ ناهي ۽ جڏهن اهڙي ڪا شخصيت ايندي آهي ته کيس پريشاني ٿيندي آهي، هن ٻڌايو ته ڪرڪيٽ بابت کيس ڄاڻ ناهي جڏهن شاهد آفريدي آيو ته کيس ڏکيائي ٿي ته ڪهڙو سوال پڇي جنهن سبب هن شاهد آفريديءَ کان سندس ٻارن ۽ شادي بابت سوال ڪيا جنهن تي پهريون ڀيرو شاهد آفريدي پنهنجي شاديءَ بابت پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي

هن اهو به انڪشاف ڪيو ته شو ۾ اهڙيون شخصتيون به آيون جن ڳجهي شادي ڪئي پر اعلان نه ڪيو آهي. ڪيترين ئي ماڻهن کيس پهريون ئي ٻڌايو ته نڪاح ٿيل آهي پر ان بابت ڪو سوال نه ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here