ايم ڪيو ايم جوتڪبندين بابت جيڪو اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪبو: مراد علي شاهه

0
70

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته تڪبندين تي ايم ڪيو ايم جو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو آهي ان معاملي اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو

سيوهڻ هوائي اڏي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سڀني کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو حق آهي ۽ تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم جو پنهنجو موقف آهي جڏهن ته  ان حوالي سان خالد مقبول صديقي ۽ گورنر جا بيان ناهن ٻڌا

هن چيو ته ايم ڪيو جو موقف اليڪشن ڪميشن آڏو رکيو آهي، هاڻ اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪنداسين

وڏي وزير چيو ته اڄ آصف زرداري جي صدارت ۾ اجلاس ٿيندو ، اياز صادق سميت سمورا اتحادي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، اجلاس ۾ ملڪي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو

مراد علي شاهه چيو ته معيشت مسئلن جو شڪار آهي، اسان جو امپورٽ بل تمام گهڻو وڌي ويو آهي، معيشت جي بهتري لاءِ اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا ان لاءِ سڀني کي تيار رهڻ کپي، وزيراعظم طرفان ڪجهه وفاقي وزير ڪراچي آيا هئا، انهن سان مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here