سڄي ملڪ ۾ مائنس عمران فارمولي تي ڪم ٿي رهيو آهي: تجزئي نگار

0
91

سينيئر پاڪستاني تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته مائنس عمران فارمولي تي نه رڳو ڪراچي پر سڄي پاڪستان ۾ ڪم ٿي رهيو آهي.

 نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي تجزيي نگار ارشاد ڀٽي، مظهر عباس، حفيظ الله نيازي ۽ بينظير شاهه موجوده سياسي صورتحال جي پسمنظر ۾ عمران خان جي موقف تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. تجزيه نگارن جو چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان جو مقبول سياسي ليڊر آهي، کيس چونڊن ۾ ئي شڪست ملي سگهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ ڪراچي ۾ سندس پارٽي آڻڻ چاهي ٿي ته جيئن پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي مائنس ڪري الطاف جو فارمولو لاڳو ڪيو پيو وڃي.

تجزئي نگارن جو اهو به چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي ۽ سياسي پارٽي کي پارليامينٽ ۾ هجڻ گهرجي روڊن تي نه، تحريڪ انصاف گذريل 8 مهينن کان روڊن تي آهي، 2023ع چونڊن جو سال آهي، ان ۾ ڪو به مسئلو ناهي

. سينيئر تجزئي نگارن جو اهو به چوڻ هو ته پارليامينٽ جيڪا ڪالهه تائين پي ٽي ايم لاءِ حرام هئي، اقتدار ملندي ئي حلال ٿي وئي آهي، پارليامينٽ هڪ اشرافيه ڪلب آهي، جتي رڳو ذاتي مفادن کي پورو ڪيو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here