ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ، ٻه دهشتگرد مارجي ويا،3 جوان شهيد

0
88

ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 3 جوان شهيد ٿي ويا

آءِ ايس پي آر موجب ڪرم جي علائقي اراوالي ۾ دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود هٿ آيو

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۾ ملوث هئا

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿيا، جن ۾ صوبيدار شجاع محمد، نائڪ محمد رمضان ۽ سپاهي عبدالرحمان شامل آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here