چين:ڪورونا ۾ واڌ سبب آمريڪا چيني مسافرن تي پابنديون لڳائڻ بابت غور

0
71

چين ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي سبب اٽلي پاران چين مان ايندڙ مسافرن لاءِ ڪورونا ٽيسٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته آمريڪا چيني مسافرن تي ڪورونا پابنديون لڳائڻ بابت غور شروع ڪري ڇڏيو  

آمريڪي صحت واري وزير موجب چين مان ايندڙ مسافرن کي اينٽي جن سو اب ۽ وائرس سيڪوئنسنگ ڪرائي پوندي جڏهن ته آبادي کي بچائڻ لاءِ  ڪورونا ويريئنٽس جي نگراني ۽ جاچ لاءِ هي قدم ضروري آهي

رپورٽس موجب ميلان ايئرپورٽ تي بيجنگ ۽ شنگهائي  کان ايندڙ مسافرن جي ڪورونا ٽيسٽنگ 26 ڊسمبر تي شروع ڪئي ويندي

ٻئي طرف آمريڪا به چين کان ايندڙ مسافرن تي نئين ڪورونا پابنديون لڳائڻ بابت غور شروع ڪيو آهي جڏهن ته بيجنگ پاران اعلان ڪيو ويو هو ته  اڳئين مهيني ۾ سرحدون  ٻيهر کوليون وينديون

برطانيا ۽ جرمني چيو آهي ته چين ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسز جي صورتحال تي نظر آهي،فلحال چيني مسافرن لاءِ نئين پابندين بابت غور نه ڪيو آهي

ڀارت، جاپان، ملائيشيا ۽ تائيوان اڳ ۾ ئي پرڏيهي مسافرن جي لاءِ ڪورونا پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن

واضح رهي ته چين پاران هلندڙ مهيني ڪورونا پبنديون نرم ٿيڻ بعد ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ ٿيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here