پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي پاران سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ بابت تفصيل فراهم نه ڪرڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ جو فيصلو

0
138

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ بابت تفصيل فراهم نه ڪرڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اجلاس دوران آڊيٽر جنرل آف پاڪستان طرفان ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي اختيارين فنڊ جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا

ڪميٽي فيصلو ڪيو ته رجسٽرار آفيس طرفان سپريم ڪورٽ ڊيم فنڊ جا تفصيل فراهم نه ڪرڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال کي خط لکيو ويندو

پي اي سي جي هدايتن تي ڪميٽي جي سيڪريٽري ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي ڊيم فنڊ جا تفصيل طلب ڪيا هئا پر اهي فراهم نه ڪيا ويا

آڊيٽر جنرل آف پاڪستان طرفان پي اي سي کي ٻڌايو ويو ته هر هر پڇڻ باوجود فنڊ جا تفصيل فراهم نه پيا ڪيا وڃن، ان کان اڳ پي اي سي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي خط ذريعي اجلاس ۾ طلب ڪري چڪي آهي پر هو به نه آيوهو

پي اي سي آڊيٽر جنرل کان پڇاڻو ڪيو هو ته ڊيم فنڊ ۾ ڪُل ڪيتري رقم گڏ ٿي، اهي فنڊ ڪيئن استعمال ڪيا ويا؟ سمورا تفصيل لاڳاپيل اختيارين کان وٺي ڪميٽي کي ٻڌايو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here