سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عدليا کي اپيل آهي ته شهيد ڀٽو بابت صدارتي ريفرنس تي فيصلو ٻڌايو وڃي، عمران خان خان اهو نه ٿو ٻڌائي سگهي ته اولاد ڪيتري آهي، سندس سياست 2 نمبري سان ڀريل آهي،
پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن لکين ماڻهن ورسيءَ ۾ شرڪت ڪري شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ تاريخي خطاب ڪيو،
هن چيو ته بلاول ڀٽو بهتر طريقي سان ملڪ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، عمران خان چين، سعودي سميت ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا،بلاول ڀٽو سڀني سان لاڳاپا بهتر بڻائي رهيو آهي.
هن پي ٽي آءِ چيئرمين جي سياست کي 2 نمبري قرار ڏيندي چيو ته عمران خان جي سڄي سياست 2 نمبري تي ٻڌل آهي، هو اهو به نه ٿو ٻڌائي سگهي ته ٻار ڪيترا آهن، هن تي ڪير اعتبار ڪندو،
هن چيو ته عمران خان کي خيبر پختونخوا اسيمبلي ٽوڙڻ جو چيلينج ڪري ٿو، هي ڪي پي ڪي اسيمبلي نه ٽوڙيندو. شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اٽي جو ڪوبه بحران ناهي، اڄ به 65 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي. صوبائي وزير عدليا کي اپيل ڪندي چيو ته شهيد ڀٽو بابت صدارتي ريفرنس تي فيصلو ٻڌايو وڃي.