سياست ۾ ڳالهين جا در بند ناهن ٿيندا، عمران کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ويهي ڳالهائي: احسن اقبال

0
78

لاهور: منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا ڪڏهن بند نه ٿيندا آهن، اسان ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته عمران خان اسان سان ويهي ڳالهائي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته اڄ پاڪستان معاشي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ بدقسمتيءَ سان دهشتگردي وري ڪر کنيو آهي، 2013ع ۾ به اسان کي پاڪستان اهڙي ئي حالت ۾ مليو هو، ملڪ لوڊشيڊنگ جي اونداهي ۾ ٻڏل هو، ان وقت دنيا اسان کي دهشتگرديءَ جي نظر سان ڏسي رهي هئي، ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف هٿياربند فوجن کي چيو ته اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ آهي، جنهن ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، اسان دهشتگردي تي ضابطو آندو.

هن چيو ته قرض ۾ ٻڏل پاڪستان به بجلي جي بحران جو شڪار آهي، گذريل دور ۾ ملڪ 4 سالن تائين خراب حالت ۾ هو پر اسان بحرانن کي شڪست ڏئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي آڻينداسين.

ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پنجاب جي عوام 2018ع جي چونڊن ۾ نواز ليگ کي مينڊيٽ ڏنو پر 2018ع ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو.

هڪ سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته سياست ۾ ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند نه ٿيندا آهن، اسان ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته عمران خان اسان سان ويهي ڳالهائي.

هن چيو ته عمران خان پاڻ چيو آهي ته ايندڙ چونڊون نئين آدمشماري تحت ٿينديون، جلد چونڊون رڳو سياسي شوشو آهن، جلد چونڊون معاشي ۽ سياسي ضرورت نه آهن، ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here