بلاول ڀٽو چيمين شپ معاملو:راندين واري کاتي پاران ايونٽ مينجمينٽ کان جواب طلب

0
70

بلاول ڀٽو چيمپين شپ جي 75 لک سرڪاري رقم ڦرجڻ واري معاملي تي راندين واري کاتي ايونٽ مينجمينٽ کان جواب طلب ڪري ورتو

راندين واري کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته چيمپين شپ ٺٽي ۾ ڪرڻ لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، ايونٽ مينجمينٽ ڪمپني فٽبال چيمپين شپ جي تاريخ ڇو تبديل ڪئي

نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته ايونٽ مينجمينٽ ڪمپني رقم غير ضروري طور رقم بينڪ مان ڇو ڪڍرائي ۽ رقم ڦر ٿيڻ بابت ڇو نه ٻڌايو ويو

نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويوته ڪمپني ٽن ڏينهن اندر وضاحت نه ڏني وئي  ته معاملو ايف آءِ اي کي موڪلي ويندي

راندين واري کاتي پاران 5 ڊسمبر تي ٺٽي ۾ يوٿ فٽ بال چيمپين شپ جو اعلان ڪيو هو، ايونٽ آرگنائيز کان 2 ڊسمبر تي سرڪاري رقم 75 لک رپيا ڦر ٿيڻ سبب ايونٽ  نه ٿي سگهيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here