ڪوڙيون ۽ هٿراديون خبرون ڏيندڙ يوٽيوب جي ريڊار تي اچي ويا

0
71

ڪوڙيون ۽ هٿراديون خبرون ڏيندڙ يوٽيوب جي ريڊار تي اچي ويا آهن

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب لکين سبسڪرائبرس رکندڙ ٽن يوٽيوب چينلز جنهن ۾ نيوز هيڊ لائنز، گورنمنٽ اپڊيٽ ۽ آج تڪ لائيو تان فيڪٽ چيڪ يونٽ پردو لاهي ڇڏيو ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل پيجز تان ڪوڙيون وڊيوز هٽايون ويون آهن

ڀارتي لاڳاپيل کاتي بيان جاري ڪيو آهي ته 40 کان وڌيڪ وڊيوز جي جاچ دوران ٽنهي چينلز جون حقيقتون سامهون آيون آهن

يوٽيوب اختيارين موجب انهن چينلز تي اٽڪل 33 لک سبسڪرائبرز هئا ۽ انهن جون ڪيتريون ئي وڊيوز اپلوڊ ٿيون هيون جيڪي سڀ ڪوڙيون هيون

اختيارين موجب انهن وڊيو چينلز ذريعي ڀارت بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙيون پيون وڃن جنهن سبب ملڪي سلامتي کي خطرا هجڻ جو خدشو هو

واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڀارتي حڪومت فيڪ نيوز پکيڙڻ جو الزام هڻندي 35 پاڪستاني يوٽيب چينلز سميت ويب سائيٽس ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي ڀارت ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو هو

پابندي مڙهيل يوٽيوب چينل تي هڪ ارب 35 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز هيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here