طالبان افغان عورتن کي روشن مستقبل جي سزا ڏيڻ چاهي ٿو:انٽوني بلنڪن

0
138

افغانستان ۾ عورتن جي اعليٰ تعليم تي پابندي واري معاملي تي رد عمل ڏيندي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته طالبان افغان عورتن کي روشن مستقبل جي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير طالبان کان عورتن جي اعليٰ تعليم تي پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو  

انٽوني بلنڪن چيو ته عورتن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي لڳايل پابندي هٽائڻ تائين طالبان باقي دنيا سان گڏ تعلقات بهتر ڪرڻ  ۾ ناڪام رهندو

هن چيو ته عورتن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي طالبان پاران پابندي وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته طالبان کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here