اداڪارا عائشه عمر شادي ڪري ماءُ بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

0
100

 اداڪارا عائشا عمر واضح ڪيو آهي ته هاڻي زندگي انتهائي سڪون سان گذري رهي آهي، کيس ڪنهن به قسم جي ڪا به پريشاني ناهي، ان لاءِ هاڻي هو شادي ڪري ماءُ بڻجڻ چاهي ٿي.

 عائشا عمر ماضي ۾ به شادي بابت ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي آهي ۽ ان وقت هو ٻڌائي چڪي هئي ته فلحال کيس شادي جي ضرورت ناهي، جڏهن هوندي ته ڪري ڇڏيندي

ان کانسواءِ هوءَ مستقل ۾ ٿيندڙ ٻارن جي تربيت بابت به ڳالهه ٻوله ڪري چڪي آهي ۽ ٻڌائي چڪي هئي ته سندس ٻآر جيئن پٽ هوندا ته اڄ ڪلهه جي ڇوڪرن کان ٿورا مختلف هوندا ۽ هوءَ سندن مختلف قسم جي تربيت ڪندي

اداڪارا انسٽاگرام اسٽوري تي ٻڌايو هو ته سندس پٽ سنجيده، نرم مزاج ۽ ٻين جو احترام ڪندڙ هوندا. هن لکيو هو ته هوءَ پنهنجن پٽن جي پرورش ايئن ڪندي ته هو هڪ ماءُ بڻجي پنهنجي اولاد جي پرورش ڪندا ۽ ان سان گڏ کين پابند ڪندي ته هو پنهنجي هر عمل جو حساب ڏيندا

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here