پنجاب ۾ بي اعتمادي رٿ: 16 ليگي ميمبرن کي سيشن ۾ شرڪت جي اجازت ۾ واڌ

0
86

لاهور:نواز ليگ جي 16 پنجاب اسيمبلي ميمبرن بي اعتمادي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد بلال حسن جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ 16 ليگي ميمبرن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن تي عدالت 16 ليگي ميمبرن کي بي اعتمادي رٿ واري اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ان کان اڳ نواز ليگ ايم پي ايز ايڊووڪيٽ منصور اعواڻ جي ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تحت لاهور هاءِ ڪورٽ 20 ڊسمبر تي رٿيل اجلاس ۾ شرڪت ۽ ووٽنگ جي اجازت ڏني هئي، هاڻ عدالت وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي سيشن ۾ شرڪت لاءِ عبوري رليف ۾ واڌ ڪري.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي  نئين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي به اجازت ڏئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here