نيوزلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم اڄ پاڪستاني دوري تي ڪراچي پهچندي

0
143

نيوزلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستاني دوري تي اڄ صبح دبئي رستي ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي

نيوزلينڊ ڪرڪيٽ اسڪواڊ آڪلينڊ کان امارات ايئر لائين جي پرواز ذريعي دبئي رستي پاڪستا دوري لاءِ روانو ٿي چڪو آهي جڏهن ٽيم ۽ اختياريون لڳ ڀڳ 17 ڪلاڪن جي مسلسل سفر بعد اڄ دبئي پهچندي  

نيوزلينڊ ٽيم اڄ صبح امارات ايئر لائين اڏام ذريعي ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي، جڏهن ته ٽيم جي آمد رفت جي لاءِ خاص پروٽول ۽ سڪيورٽي جا غير معمولي انتظامات ڪيا ويا آهن

پاڪستان- نيوز لينڊ جي وچ ۾ ٻن ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 26ڊسمبر تي ڪراچي، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ 3 جنوري ملتان ۾ کيڏي ويندي  

نيوز لينڊ ٽيم هن دوري دوران 10 کان 14 جنوري تائين ڪراچي ۾ ميچ به کيڏندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here