اسحاق ڊار پاران ايف بي آر کي ريوينيو جي اوڳاڙيءَ لاءِ پنهنجا فرض پورا ڪرڻ سميت مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري

0
73

وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ايف بي آر ٽيم تي معاشي نقطا نظر سان ٿيندڙ تبديلين موجب پوزيشن وٺڻ جي فيصلي تي زور ڏيندي ٽيڪس وڌيڪ جمع ڪرڻ جي هدايت تي زور ڏنو آهي

ناڻي کاتي موجب انهن خيالن جو اظهار هن خميس تي ايف بي آر هيڊ ڪوارٽرز ۾ ايف بي آر جي ريوينيو ڪارڪردگي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو

رپورٽ موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي ناڻي بابت خاص صلاحڪار طارق باجوه،خاص صلاحڪار طارق محمود پاشا، چيئرمين ايف بي آر، ايف بر آر جي بورڊ ميمبرن ۽ فنانس ڊويزن جي ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي

ان موقعي تي چيئرمين ايف بي آر عاصم احمد ناڻي کاتي جي وزير جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس نومبر ۽ ڊسمبر 2022 جي مهينن جي ريوينيو هدف ۽ ايف بي آر جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي انگن اکرن بابت آگاهه ڪيو

ناڻي کاتي جي وزير اسحاق ڊار ايف بي آر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ايف بي آر کي ريوينيو جي اوڳاڙيءَ لاءِ پنهنجا فرض پورا ڪرڻ سميت مڪمل سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here