پرويز الاهي جو اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کان قومي اسيمبلي جي 15 تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو مطالبو

0
85

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي تحريڪ انصاف کان مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 15 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 30 سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وڃي.

رپورٽن مطابق پرويز الاهي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ايندڙ چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جو وفد پرويز الاهي جا مطالبا کڻي عمران خان وٽ ويندو، عمران خان سان صلاح مشوري کانپوءِ پي ٽي آءِ جو وفد اڄ ٻيهر پرويز الاهي سان ملاقات ڪندو.

ڪالهه اڱاري ڏينهن پي ٽي آءِ وفد سيٽ ايڊجسٽمينٽ جا معاملا طئي ڪرڻ لاءِ وڏي وزير پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي هئي،

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ملاقات ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي غور ڪيو ويو. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيندو، تڪن جي فهرست تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here