واشنگٽن: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمريڪا سان ٻه طرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان لاجسٽڪ ۽ ٽريڊ حب جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
واشنگٽن ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب دوران پرڏيهي وزير چيو ته خطي ۾ امن استحڪام لاءِ آمريڪا جون ڪوششون ساراهڻ جوڳيون آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا مختلف شعبن ۾ گڏجي اڳتي وڌي سگهن ٿا.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته بنون جهڙا واقعا پريشان ڪندڙ آهن، شدت پسندن خاص ڪري تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف سختي سان ڪارروايون جاري آهن.
هن چيو ته ڪورونا وبا سبب خطي ۾ معيشت کي نقصان پهتو آهي، هلندڙ سال جون کان سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتيون پيون، جنهن سبب 33 ملين ماڻهو برسات سبب متاثر ٿيا ۽ پاڪستان لاءِ سڀ کا ن وڏو چيلنج ٻوڏ جي تباهي کي حل ڪرڻ آهي،
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي برداري جي مدد جي ضرورت آهي، اسان جو سمورو ڌيان ٻوڏ جي تباهڪارين کي حل ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ امڪاني ماحولياتي سانحن کي منهن ڏيڻ سميت متاثرن جي مدد ڪرڻ تي آهي.