راجنپور: ڪوهيڙي سبب ٻن ڪوچن ۾ ٽڪر: 8 مسافر فوت، 23 زخمي

0
164

راجنپور: ڪشمور ويجهو پنجاب جي علائقي شاهوالي ۾ ٻن ڪوچن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 مسافر فوت ٿي ويا، جڏهن ته 23زخمي ٿي پيا، شاهوالي جي پوليس چيڪ پوسٽ وٽ انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو پيش آيو، ڪوچن ۾ سوار مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،

واقعي بعد امدادي ڪارروائي شروع ڪندي زخمين ۽ لاشن کي کڻائي شاهوالي ۽ ڪشمور جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، زخمين مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ٻڌايو پيو وڃي ته ڪوهيڙي سبب ڪوچن ۾ ٽڪر ٿيو، هڪ ڪوچ ڊيرا اسماعيل کان سکر ۽ ٻيو ڪوچ ڪراچي کان ڊي جي خان وڃي رهيو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here