صدر ۽ وزيراعظم پاران لڪي مروت ۾ پوليس اسٽيشن تي حملي جي مذمت

0
72

صدر عارف علوي  ۽ وزيراعظم  شهباز شريف  لڪي مروت  ۾ پوليس  اسٽيشن تي حملي  جي شديد لفظن  ۾ مذمت ڪندي  شهيدن  جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي

صدر عارف علوي  پنهنجي بيان ۾ چيو ته  شهيد پوليس اهلڪارن جا درجا بلند  ۽ زخمين جي  صحتيابي  لاءِ دعا ڪندي  شهيد  ٿيل اهلڪارن  جي وارثن سان اظهار تعزيت ڪئي

صدر عارف علوي چيو ته  دهشتگردي جي باقيات  جي مڪمل خاتمي  تائين  سندن ڪوششون جاري  رهنديون وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  شهيد پوليس اهلڪارن  کي خراج عقيدت  پيش ڪريون ٿا ،پوليس آفيسرن ۽ جوانن  دهشتگردي خلاف  عظيم قربانيون  ڏنيون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here