راڻا ثناءُ الله چيو ته پرويز الاهي ڪرپشن ڪري رهيو آهي، چئن ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪري وٺندو
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ جي اعلان تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو ردعمل سامهون اچي ويو
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پرويز الاهي ڪرپشن ڪري رهيو آهي، چئن ڏينهن ۾ وڌيڪ ڪري وٺندو، اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ 23 ڊسمبر تائين وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اڄ ئي ٽوڙي ڇڏيو
هن چيو ته ن ليگ وٽ پرويز الاهي کي ڏيڻ لاءِ هاڻ ڪجهه ناهي، ڏسجو هڪ هفتي ۾ ڪهڙو يوٽرن ٿو اچي
واضح رهي ته عمران خان 23 ڊسمبر تي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي