روس جو يوڪريني جي گادي واري شهر تي ميزائلن جو حملو

0
76

روس يوڪريني تخت گاهه ڪيف تي ميزائلن جو مينهن وسائي ڏنو، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هيل تائين ڪيف تي اهو سڀ کان وڏو ميزائل حملو قرار ڏنو پيو وڃي

رپورٽن موجب روس جا يوڪريني جي شهري ملڪيتن تي ميزائل حملا جاري آهن، ڪيف سميت ڪيترن ئي شهرن تي 70 کان وڌيڪ ميزال هلايا ويا

يوڪرين 67 روسي ميزائل فضائي دفاعي نظام تحت فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا، ميزائل ڪرڻ سان خارڪيف ۾ هڪ رهائشي عمارت تباهه ٿي وئي، جنهن جي ملبي ۾ شهري دٻجڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ريسڪيو ڪارروائيون جاري آهن

روس بمباري ڪري يوڪرين جو انرجي سيڪٽر تباهه ڪري رهيو آهي، روسي حملن سان يوڪرين جا بجلي جا گرڊ تباهه ٿيا آهن

يوڪرين جي سرڪاري توانائي ڪمپني موجب روسي ميزائل حملن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ توانائي جي پهچ اڌ ٿي وئي آهي، خارڪيف سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي فراهمي متاثر آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here