وزيراعليٰ پنجاب سان منهن ماري بعدصوبائي وزير حسنين بهادر دريشڪ مستعفي

0
83

لاهور: پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ منهن ماري کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي وزير سردار حسنين بهادر دريشڪ وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزير حسنين بهادر دريشڪ جي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي. صوبائي وزير احتجاج ڪندي ڪابينا جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو هو. ڪابينا اجلاس ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن ئي وزيرن ڳالهائڻ پئي چاهيو.

وڏي وزير چيو ته ڪابينا جو اجلاس نظم و ضبط سان هلائيندس، هڪ وقت ۾ هڪ ئي وزير ڳالهائي سگهي ٿو. ان جي باوجود سردار حسنين بهادر دريشڪ گفتگو جاري رکي. جڏهن وڏي وزير اجازت کانسواءِ ڳالهائڻ کان روڪيو ته صوبائي وزير ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ڌمڪي ڏني ته آئون ٻيهر ٻيهر استعيفا ڏيان ٿو ۽ اجلاس مان هليو ٿو وڃان.

اهو چئي صوبائي وزير ڪابينا جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويو هو، اهڙي صورتحال کانپوءِ هاڻ حسنين بهادر دريشڪ ڪابينا جي ميمبر طور استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. سردار حسنين بهادر دريشڪ استعيفا جي تصديق ڪندي چيو ته مون استعيفا موڪلي ڇڏي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here