محسن رانجها حملو ڪيس: عمران جي عبوري ضمانت ۾ 9 جنوري تائين واڌ

0
85

اسلام آباد: اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 9 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي. سيشن ڪورٽ ۾ توشه خانه ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد محسن شاهنواز رانجها تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عمران خان طرفان ڊاڪٽر بابر اعواڻ پيش ٿيو ۽ پنهنجي موڪل جي طبي بنيادن تي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here