اسامه بن لادن مري چڪو پر گجرات جو ڪاسائي زنده ۽ ڀارت جو وزيراعظم بڻيل آهي: بلاول ڀٽو

0
95

نيويارڪ: بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسامه بن لادن ته مري چڪو آهي پر گجرات جو ڪاسائي زنده آهي ۽ ڀارت جو وزيراعظم بڻجي ويو آهي.

نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ڀارتي حڪومت گانڌي جي ناهي، گانڌي جي قاتل جي نظري تي يقين رکندڙن جي حڪومت آهي، مودي حڪومت هٽلر کان متاثر آهي.

عمران خان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان پنهنجي پارٽي جي ڇڏيل 10 سيٽن مان 3 سيٽون وڃائي چڪو آهي، جيڪڏهن منهنجي پارٽي پنهنجي پنهنجي 10 سيٽن مان 3 سيٽون وڃائي ها ته مون کي تمام گهڻي ڳڻٽي ٿئي ها.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here