پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته روس کان سستي اگهه تي تيل خريد ڪئي آهي نه ڪوشش ڪري رهيا آهيون
آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته روس کان سستي اگهه تي تيل خريد نه پيا ڪيون
تيل بابت بلاول ڀٽو جي انڪشاف تي حڪومتي وزيرن جي بيانن ۾ تضاد اچي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ روسي دوري جي واپسي بعد مصدق ملڪ چيو هو ته روس سستي اگهه تي پاڪستان کي ڪچو تيل ڏيندو
بلاول ڀٽو زرداري آءِ ايم ايف کان پنهنجن شرطن تي نظر ثاني ۽ معاشي بحالي ۾ مدد جو مطالبو ڪيو آهي