واشنگٽن: آمريڪي ڪمانڊر سينٽ ڪام جنرل ايرڪ ڪوريلا پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب جنرل عاصم منير ڪمانڊر يو ايس سينٽر ڪام جو جي ايچ ڪيو پهچڻ تي استقبال ڪيو.
ڪمانڊر آمريڪي سينٽ ڪام شهيدن جي يادگار تي گل به رکيا، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علائقائي سلامتي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آمريڪي جنرل دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب، پاڪستان ۽ آمريڪي هٿياربند فوجن وچ ۾ وفدن جي سطح تي به ڳالهيون ٿيون، مهمان علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي سهڪار جو اعتراف ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي وفد اڄ طورخم بارڊر جو دورو به ڪندو، وفد کي دهشتگردي خلاف قدمن ۽ پاڪ، افغان سرحد تي بارڊر مينيجمينٽ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو ويندو.