ملڪ ڊفالٽ نه پيو ٿئي: پاڪستان آءِ ايم ايف پروگرام پورو ڪندو: وزيراعظم

0
66

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جو موجوده پروگرام پورو ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ   معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف جي جائزي واري معاملي تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته مالياتي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم ڊالر جو ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي فرق کي گهٽائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم معاشي ٽيم کي برآمد ڪندڙن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، جڏهن ته آءِ ٽي برآمدات جو ڪاٿو وڌائڻ جو به چيو.

وزيراعظم اقتصادي ٽيم کي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته اهي بينڪنگ چينلز ذريعي رقم پاڪستان موڪلن. اجلاس ۾ اقتصادي ٽيم پاران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ڊفالٽ نه ٿي رهيو آهي، ڊيفالٽ جون خبرون غلط آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here