ڪي پي حڪومت ڀتا خوري روڪڻ ۾ ناڪام: واپارين عمران خان کي خط لکي ڇڏيو

0
96

پشاور: پشاور ۾ ڀتا خوري جي وڌندڙ واقعن تي پي ٽي آءِ جي واپارين پارٽي چيئرمين عمران خان کي خط لکي ڇڏيو. پشاور ۾ ڀتا خوري ۽ گهرن تي دستي بم حملن سبب واپاري پريشان آهن، جنهن سبب انصاف ٽريڊرز ونگ جي واپارين عمران خان کي خط لکي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ جي واپارين طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه خاص ڪري پشاور ۾ ڀتا خوري جا واقعا وڌي ويا آهن، اڳوڻي صوبائي وزير حاجي جاويد ۽ سينيٽر هدايت الله جي گهرن تي بم اڇلايا ويا. واپارين خط ۾ چيو آهي ته پشاور ۾ امن امان جي صورتحال غير تسلي بخش آهي، صوبائي حڪومت جي نوٽيس ۾ آڻڻ باوجود ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، پشاور جا شهري ڀتا خوري ۽ اغوا جي واقعن تي پريشان آهن.

خط ۾ چيو ويو آهي ته گلبهار ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڪسٽم آفيسر کي قتل ڪيو ويو، 2016ع ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي واپاري جي پيءُ کي قتل ڪيو ويو، صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. پي ٽي آءِ جي واپاري ونگ پارٽي چيئرمين کان ملاقات لاءِ به وقت گهري ورتو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here