ن ليگ:ريڪوڊڪ معاملي تي اتحادين کي راضي ڪري ورتو

0
202

حڪومت ريڪوڊڪ منصوبي تي بلوچستان جو شيئر 25 سيڪڙو مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪندي، اتحادين پاران فصلو ڪيو ويو

ذريعن موجب ريڪوڊڪ واري معاملي تي جميعت علماءِ اسلام، بلوچستان نيشنل پارٽي، (مينگل) ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ن ليگ  جي نمائندگي وفاقي وزير اياز صادق ۽ اعظم نظير تارڙ ڪئي

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومت ريڪوڊڪ منصوبي تي بلوچستان جو شيئر 25 سيڪڙو مان وڌائي 35 سيڪڙو ڪندي

ذريعن موجب بلوچستان جو حصو وڌائڻ لاءِ ترميمي بل آندو ويندو ۽ بل پارليامينٽ  جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو

گذريل ڏينهن حڪومت جي 2 اتحادي جماعتن پاران وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي  ڪابينه جي اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو هو

بلوچستان جي تعلق رکندڙ بي اين پي مينگل ۽ جي يو آءِ جي وزيرن ريڪوڊڪ معاملي تي ڪابينا اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو هو ، جڏهن ته اختر مينگل وفاقي حڪومت کان عليحدگي جو اشارو به ڏنو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here