ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، بجلي في يونٽ 2 رپيا 45 پئسا سستي

0
72

نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي اگهن ۾ ٻه رُپيا 45 پئسا في يونٽ لاٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪي اليڪٽرڪ جي آڪٽوبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ٻه رُپيا 45 پئسا في يونٽ لاٿ جي منظوري ڏني وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ هڪ رُپيو 88 پئسا في يونٽ لاٿ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي نيپرا 30 نومبر 2022ع تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ 2.45 رُپيا في يونٽ لاٿ منظوري ڏني وئي

نيپرا موجب نوان اگهه رڳو هڪ مهيني لاءِ هوندا جڏهن ته لائيف لائين واهپيدارن، ٽي سئو يونٽ تائين گهريلو واهپيدارن، زرعي واهپيدارن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز تي لاڳو نه هوندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here