وزيراعظم ڪجهه به ڪري ڏسي، ڪاميابي اپوزيشن کي ئي ملندي: بلاول ڀٽو زرداري

0
183

قومي اسيمبلي جو آزاد ميمبر اسلم ڀوتاڻي اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ٿي ويو، بي اعتمادي رٿ ۾ وزيراعظم عمران خان خلاف ووٽ ڏيڻ جو اعلان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته هي عمران خان جو آخري هفتو آهي،بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ وقت سندن نمبر پورا هئا، هن وقت تعداد گهربل انگ کان گهڻو آهي، مسلم ليگ نون جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته حڪومت خلاف ووٽنگ جو حيران ڪندڙ نمبر سامهون ايندو، عمران خان ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن، عمران خان ملڪ کي دشمن کان به وڌيڪ نقصان پهچايو، آزاد ميمبر اسلم ڀوتاڻي چيو آهي ته آصف علي زرداري جي حڪم تي حاضر ٿيا آهن، آصف زرداري جتي چوندو هليو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here