انجمن تاجران لاهور بازارن کي جلد بند ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي
انجمن تاجران لاهور بازارن کي جلد بند ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي چيو ته مارڪيٽن کي جلد بند ڪرڻ واپارين جو معاشي قتل هوندو ۽ اسان ڪنهن صورت واپارين جو معاشي قتل نه ٿيڻ ڏينداسين
انجمن تاجران لاهور جي وقتي صدر چيو ته حڪومت واپارين کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا اهڙو ڪو به فيصلو نه ڪري واضح رهي ته حڪومت ڪوهيڙي تي ضابطو آڻڻ لاءِ دڪان رات 10 وڳي بند ڪرڻ ۽ آچر تي ڪاروبار مڪمل بند رکڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن تي واپارين پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندي چيو هو ته نوڪرين وارا ماڻهو موڪل واري ڏينهن خريداري ڪندا آهن ۽ ان لاءِ آچر تي ڪاروبار بند رکڻ جي پابندي نه هجڻ گھرجي