ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
134

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 310 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، هيل تائين فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 30 هزار 345 ٿي ويو.اين سي او سي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾31 هزار 960 ڪرونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان ڪورونا وائرس جي وڌيڪ 310 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 0.96 سيڪڙو رهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here