لاهور: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ عثمان بوزدار جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اڳوڻو وڏو وزير عدالت ۾ پيش ٿيو.
ٻڌڻي دوران نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نيب عثمان بوزدار جي گرفتاري نٿي چاهي، اڄ تائين گرفتاري وارنٽ جاري نه ڪيا ويا آهن. جاچ آفيسر جي بيان تي احتساب عدالت جي جج چيو ته ائين نه ڪيو وڃي ته جيئن ٻاهر اچن ته گرفتار ڪيو وڃي، عثمان بوزدار کي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪيو وڃي.
اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار نيب جي جاچ آفيسر جي بيان تي ضمانت واري درخواست واپس وٺي ڇڏي.ٻئي طرف عدالت جي احاطي ۾ صحافي عثمان بوزدار کان سوال ڪيو ته اوهان خلاف وڏو ڪيس ٺاهيو ويو هو، توهان ڇا ٿا چئو؟ ان تي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اسان کي اهڙي ريت رليف ملندو ۽ انصاف ٿيندو.