آمريڪا: چالان کان بچڻ لاءِ تعارف ڪرائڻ پوليس سربراه کي مهانگو پئجي ويو

0
118

آمريڪا قانون جي بالادستي جو انوکو مثال قائم ڪري ڇڏيو، چالان کان بچڻ لاءِ آمريڪي شهر ٽامپا جي پوليس چيف ميري ميري اوڪنور کي تعارف ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو

آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ٽامپا ۾ 12 نومبر تي شهر جي پوليس سربراه کي مڙس سان گڏ گالف گاڏي ۾ سفر ڪرڻ دوران کيس ٽريفڪ پوليس اهلڪار روڪيو هو

ٽريفڪ پوليس اهلڪار نمبر پليٽ ۽ لائسنس نه هجڻ سبب کيس روڪيو هو  جنهن تي هن کيس پهنجو تعارف ڪرائيندي بيج لوڏيو  هو جڏهن ته جنهن جو ويڊيو اهلڪار جي لباس ۾ موجود ڪيميرا رڪارڊ ڪري ورتو

واقعي جو ويڊيو منظر عام تي اچڻ بعد گذريل هفتي خاتون پوليس چيف معافي پڻ ورتي هئي جڏهن ته کيس هاڻي عهدي استعيفا ڏيڻو پئجي ويو

رپورٽس موجب ٽامپا پوليس سربراه گذريل هفتي جاچ بعد عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن جو اعلان ٽامپا شهر جي ميئر جا ڪيسٽر ڪيو

ميئر جو چوڻ هو ته پوليس چيف اخلاقياتي اصولن کي ٽوڙي ۽ پنهنجي پوزيشن جو ناجائز  استعمال ڪري پاليسن جي خلاف ورز ڪئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here