اسرائيلي صدر جو يو اي اِي جو دورو، اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد سان ملاقات

0
99

اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ ابوظهبي جي شاهي محل ۾ اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد آل نيهان سان ملاقات ڪئي

عرب ميڊيا موجب هڪ سال جي دوران اسرائيلي صدر پاران گڏيل  عرب امارات يو اي اِي جي ٻيو سرڪاري دورو ڪيو آهي

اسرائيلي ميڊيا موجب ملاقات دوران اسرائيلي صدر چيو ته خطي ۾ امن جي مهم ۾ گڏيل عرب امارات جو  مرڪزي حيثيت آهي

اسرائيلي ميڊيا موجب صدر آئز هرزوگ چيو ته ابراهام معاهدي بعد اسان کي وڌيڪ لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي، معاهدي ۾ وڌيڪ ملڪن به کي شامل ڪرڻ گهرجي

واضح رهي ته 2 سال اڳ آگسٽ ۾  گڏيل عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ  امن معاهدو ڪيو ويو هو

معاهدي بعد امارات پاران اسرائيلي بائيڪاٽ ختم ڪري ڪاروباري ۽ معاشي معاهدن جي منظوري ڏني هئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here