بلوچستان ۾ ٻوڏ بعد 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت جو شڪار ٿيڻ جو خدشو

0
132

ڪوئيٽا: ٻوڏ متاثر بلوچستان ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جي غربت جو شڪار ٿيڻ جو خدشو آهي. وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ سانُوڻي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب مجموعي طور تي 890 ارب رپين جو نقصان ٿيو، پر بحاليءَ لاءِ 491 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جنهن سبب بلوچستان ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو غربت ۾ وڃڻ جو خدشو آهي،

ٻئي طرف سخت سرد موسم کليل آسمان هيٺ رهندڙ ٻوڏ متاثرن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت، اين جي اوز ۽ سرندي وارن کي مسلسل ڪوششون جاري رکڻ گهرجن، ڏکايل متاثرين کي اميد ڏيارڻ ۽ خوشيون بحال ڪرڻ گهرجن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here