ڪراچي واسين لاءِ بجلي 2 رپيا 14 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري

0
131

ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 14 پيسا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي. نيپرا اختيارين موجب بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڪٽوبر جي مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي، قيمتن ۾ گهٽتائي سان ڪراچي جي صارفين کي 3 ارب 59 ڪروڙ رپين جو رليف ملندو.

نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائين صارفين تي لاڳو نه ٿيندو، ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي وسيلن مان 32 رپيا 96 پئسا في يونٽ بجلي پيدا ڪئي. نيپرا اختيارين جو چوڻ آهي ته سي پي پي اي کان خريد ڪيل بجلي جي قيمت 12 رپيا 1 پئسا في يونٽ مقرر ڪئي وئي آهي.

چيئرمين نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته آڪٽوبر ۾ ڊيزل سان بجلي ڇو پيدا ڪئي وئي؟ ڇا ڊيزل مان بجلي پيدا ڪرڻ بابت اختيارين کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو؟ڪي اليڪٽرڪ عملدارن چيو ته بجلي جي پيداوار جي حوالي سان ضابطن تي عمل ڪيو ويو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here