انگلش رانديگر بيمار: پاڪ، انگلينڊ جي سڀاڻي پهرين ٽيسٽ ميچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان

0
101

ڪراچي: پاڪستان خلاف پنڊي ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ انگلينڊ جو ڪپتان بين اسٽوڪس بيمار ٿي پيو، پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ سڀاڻي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي،
ذريعن جو چوڻ آهي ته انگلش ڪرڪيٽ اسڪواڊ جا 14 ميمبر بدهضمي جو شڪار ٿيا، جنهن ۾ ڪپتان بين اسٽوڪس به شامل آهي، انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب بين اسٽوڪس جو پيٽ خراب هُجڻ سبب ٻيا رانديگر ۽ آفيسر پنڊي اسٽيڊيم نه آيا.

اي سي بي موجب انگلينڊ ٽيسٽ اسڪواڊ جا ڪيترائي رانديگر ۽ آفيشلز اڄ هوٽل ۾ ترسندا، رانديگرن ۽ آفيسرن کي هوٽل ۾ مڪمل آرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. انگلش ڪرڪيٽ بورڊ موجب هيري بروڪ، زيڪ ڪرولي، ڪيٽن جيننگز، اولي پاپ ۽ جوائي روٽ پريڪٽس ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here