ن ليگ پنجاب جي وڏي وزيرخلاف عد اعتماد تحريڪ آڻڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو

0
167

پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز سڀاڻي پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس طلب ڪري ورتو

ذريعن موجب اجلاس ۾ وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي غور ٿيندو ۽ وڏي وزير کي گورنر طرفان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چوڻ بابت به مشاورت ٿيندي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ جلسي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسيمبلين مان استعيفائن جو اعلان ڪيو هو