اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ هڪ نئون رخ اختيار ڪرڻ واري آهي
پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي راولپنڊي ۾ حقيقي آزادي مارچ ۾ خطاب دوران ن ليگ جي سربراهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته نواز شريف اقتدار جو شوق توهان کي هوندو پر عمران خان کي عوام جي اقتدار گھرجي
پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته عمران خان جان تري تي رکي وزير آباد پهتو ۽ اڄ راولپنڊي به پهچندو، عمران خان چوي پيو سندس منزل اقتدار نه حقيقي آزادي آهي
هن چيو ته پاڪستان جي سياسي تاريخ هڪ نئون رخ اختيار ڪرڻ واري آهي، اڄ عمران خان ۽ قوم کي به وڏو فيصلو ڪرڻو آهي
شاهه محمود قريشي وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان حقيقي آزادي گھري ٿو کيس اقتدار جو ڪو شوق ناهي، شهباز شريف توهان ڪرسي سان چنبڙيل رهو پر قوم عمران خان سان گڏ آهي
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هي ماڻهو ملڪ کي ڪهڙي هنڌ وٺي آيا آهن، هي چون پيا معيشت تباهه ٿئي پئي ته ٿي وڃي اقتدار ۾ رهڻو آهي، هي ملڪ بدران پنهنجي سياست ۽ اقتدار جو فڪر پيا ڪن