بجلي ۽ گيس معاملي تي سنڌسان زيادتي جو ازالو ڪيو وڃي: سنڌ جو وفاق کي خط

0
161

ڪراچي: سنڌ سرڪار وفاق کان بجلي ۽ گيس جي معاملن تي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جي ازالي جو مطالبو ڪيو آهي، سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ کي خط لکي سنڌ سان ناانصافين کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي،

صوبائي وزير خط ۾ چيو آهي ته سنڌ جي روزاني گيس پيدوار 2 هزار 111 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، 1600 کان 1700 ضرورت باوجود رڳو 700 کان 800 ايم ايم سي ايف ڊي فراهم ڪئي پئي وڃي، گيس جي سنگين کوٽ جي ڪري عوام محروميءَ جو احساس پيدا ٿي رهيو آهي، گيس جي بندش جي ڪري صنعتون بند ٿين پيون، صوبي ۾ بيروزگاريءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ملڪي معيشت کي ڪاپاري نقصان رسي رهيو آحي، سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ پيٽروليم واري ممڪلتي وزير کان صوبائي حڪومت جي مطالبن جو ترت تدارڪ جي گهر ڪئي ۽ چيو ته سنڌ سرڪار جي صلاح مشوري سان گيس جي نئين سر پاليسي جوڙي وڃي ۽ وفاقي ريگيوليٽري ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي يقيني بڻائي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here