ڪراچي مڇر ڪالوني واقعي ۾ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

0
81

مڇر ڪالوني ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪپميني جي ٻن سنڌي ملازمن کي بيرحماڻي طريقي سان تشدد بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس گهربل هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
پوليس موجب جوابدار نوز زمان عرف برما کي تشدد ۽ قتل واري ويڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو
هجوم هٿان بيرحماڻي طريقي سان قتل ٿيندڙ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث 40 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڪيس ۾ 15 ڄڻن کي نامزد ۽ 2 سئو کان 2 سئو پنجاه تائين اڻڄاتل جوابدار شامل آهن
ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جي ملازمن کي 28 آڪٽوبر تي مڇر ڪالوني ۾ اغوا جي الزام هيٺ شر پسند هجوم نوجوانن کي بيرحماڻي تشدد بعد پٿر ۽ ڏنڊا هڻي قتل ڪيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here