عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي،جلسو ملتوي ڪري : راڻا ثناءُ الله

0
92

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ لله چيو ته ڳجهن ادارن جي رپورٽ آهي ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ دهشتگردي ٿي سگهي ٿي، عمران خان کي مشورو آهي ته سڀاڻي وارو جلسو ملتوي ڪري، جلسي گاهه جي سيڪيورٽي لاءِ ايڊوائزري پڻ جاري ڪئي آهي

وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان جي ڏکيائين جو حل، ڪاميابي ۽ ترقي جو راز آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي، پاڪ فوج پاران پنهنجي آئيني ڪردار ۾ رهڻ جو اعلان ملڪ ۽ قوم جي بهترين مفاد آهي

هن چيو ته هڪ سياسي اڳواڻ ان کي چئلينج ڪيو، ڪوڙي آزادي جي نالي تي هڪ ڪوڙي جدوجهد شروع ڪئي، هٿياربند فوج کي مختلف طريقن سان نتقيد جو نشانو بڻايو ويو پر عمران خان صاحب کي پنڊي مان چونڊن جي تاريخ نه ملندي

ن ليگ اڳواڻ چيو ته عمران خان وقت کان اڳ چونڊون چاهي ٿو ته سياستدانن سان ڳالهيون ڪري، اسٽيبلشمينٽ اوهان کي چونڊن جي تاريخ نه وٺي ڏيندي، اوهان گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪو ڪجهه چيو ڪير به اوهان بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو، جيڪڏهن عمران خان کي اليڪشن جي تاريخ جي حوالي سان نواز شريف ۽ شهباز شريف سان ملڻ چاهي ته هو انڪار نه ڪندا

وفاقي گهرو وزير چيو ته ڊيڊ لاڪ ڳالهه ٻوله سان ختم ٿيندا آهن، هن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان سياستدان بڻجو ۽ پي ڊي ايم قيادت سان گڏ ويهو، اوهان سياسي مخالف دشمن نه، پر عمران خان چوي ٿو ته سياسي مخالفن سان گڏ ويهڻ بدران مرڻ کي ترجيح ڏيندس

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here