ڪراچي ڪياماڙي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي، سنگين ڏوهن ۾ گهربل جوابدار گرفتار

0
79

ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي ڪياماڙي ۾ گڏيل ڪارروائي، سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي،

رينجرز ترجمان جي پڌرائي موجب رينجرز ۽ پوليس ڪياماڙي واري علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪئي، جنهن ودران سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدار مصور علي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيل جوابدار دهشتگردي، اغوا، قتل ۽ ڦرلٽ جي ڪاررواين ۾ ملوث هو، رينجرز ترجمان موجب جوابدار 20 آگسٽ تي ڪورنگي ۾ وچ روڊ تي هڪ ڪار کي روڪي 7 لک رپيا ڦر ڪري ويو هو،پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فٽيجز۽ٽيڪنيڪل بنياد تي جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري عمل ۾ آئي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here