ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو: فيصل واوڊا جو سپريم ڪورٽ ۾ اعتراف، سينيٽر طور استعيفا، تاحيات نااهلي 5 سالن ۾ تبديل

0
110

اسلام آباد: فيصل واوڊا پاران ڪوڙو حلف نامو جمع ڪرائڻ جو اعتراف، سپريم ڪورٽ واوڊا جي تاحيات نااهلي کي 5 سالن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو،

تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ سينيٽر فيصل واوڊا آمريڪي شهريت بابت ڪوڙو بيان جمع ڪرائڻ تي سپريم ڪورٽ کان غيرمشروط معافي وٺندي سينيٽ سيٽ تان به استعيفا ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ فيصل واوڊا جي حلفي بيان بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ سان مڪالمو ڪندي چيف جسٽس چيو ته اوهان ٽن سالن تائين سڀني کي گمراهه ڪيو، عدالت آڏو پهرين معافي وٺو ۽ پوءِ چئو ته استعيفا ڏيان ٿو،

چيف جسٽش رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالت سامهون معافي وٺندا ۽ سٺي نيت سان استعيفا ڏيندا ته نااهلي 5 سالن تائين هوندي ۽ استعيفا نه ڏيڻ جي صورت ۾ اوهان خلاف آرٽيڪل 62 ون ايف تحت ڪارروائي ٿيندي، فيصل واوڊا عدالت ۾ بيان ڏنو ته آئون عدالت کان غيرمشروط معافي وٺان ٿو، ڪوڙو حلفي بيان ڏيڻ جي نيت نه هئي، عدالت جو حڪم قبول هوندو،

جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته جيڪو اوهان کي چيو پيو وڃي اهو پاڻ عدالت سامهون پاڻ چئو،جنهن تي فيصل واوڊا چيو ته تسليم ڪريان ٿو ته سٺي نيت سان پاڻ استيفا ڏيان ٿو، آرٽيڪل 63 ون سي تحت نااهلي تسليم ڪريان ٿو، فيصل واوڊا جي غيرمشروط معافي بعد عدالت سندس معافي تسليم ڪندي تاحيات نااهلي ڪالعدم قرار ڏني.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here