آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

0
211

اسلام آباد: حڪومت آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل گزٽ نوٽيفڪيشن مطابق ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرري 27 نومبر کان لاڳو ٿيندي.

گزٽ نوٽيفڪيشن موجب ساحر شمشاد مرزا کي ٽن سالن لاءِ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب سيد عاصم منير کي جنرل عهدي تي ترقي ۽ آرمي چف مقرر 29 نومبر کان لاڳو ڪئي ويندي.

جنرل عاصم منير 29 نومبر تي 17 هين آرمي چيف طور ڪمانڊ سنڀاليندو، جڏهن ته حڪومت موجوده آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جنرل نديم رضا جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا 29 نومبر ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي 27 نومبر تي رٽائر ٿي ويندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here