اسلام آباد، شهباز شريف ۽ خواجه آصف وچ ۾ فوج ۾ مقرين بابت ملاقات

0
118

اسلام آباد، وزير اعظم شهباز شريف ۽ بچاءُ واري وزير جواجه آصف وچ ۾ فوج ۾ اهم مقررين بابت ملاقات ٿي
ذريعن موجب وزير اعظم شهباز شريف ۽ بچاءُ واري وزير جواجه آصف وزير اعظم هائوس ۾ آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس جي مقرري بابت موڪليل نالن جو جائزو ورتو


آرمي چيف جي مقرري بابت موڪليل سمري ۾ 6 سينئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز جا نالا شامل آهن
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ۽ بچاءُ واري وزير ملاقات دوران 6 سينيئر ترين ليفٽيننٽ جنرلز جي نالن بابت صلاح مشورا ڪيا ويا، جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرلز عاصم منير، ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا، ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس، ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ۽ ليفٽيننٽ جنرل محمد عامر جو نالو شامل آهي
ذريعن موجب مقرري بابت حتمي فيصلو نه ڪيو ويو، وزير اعظم اتحادين کي به اعتماد ۾ وٺندو، جنهن لاءِ اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي


ذريعن موجب وزير اعظم جي منظوري بعد سمري صدر ڏانهن اماڻي ويندي، جڏهن ته صدر جي منظوري بعد وزير اعظم ٻه اهم مقررين بابت نوٽيفيڪيشن جاري ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here